49

ڪراچي: جناح اسپتال ۾ روبوٽڪ ۽ (AI) سرجري جي نئين دور جي شروعات

ڪراچي: جناح اسپتال ۾ ٻن ڏينهن تي مشتمل ليپرواسڪوپي ۽ ويٽ لاس (بيريئٽرڪ) سرجري جي جديد ٽيڪنيڪن بابت ورڪشاپ دوران بين الاقوامي طبي ماهرن چيو آهي ته مصنوعي ذهانت (AI) سرجري، تحقيق، انٽرنل ميڊيسن ۽ ريڊيولوجي سميت ميڊيڪل شعبي جي ڪيترن ئي حصن کي تيزيءَ سان بدلائي رهي آهي.

ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ سان لاڳاپيل سرجري جي پروفيسر جارج ايس فرزلي ۽ سندن فيلو ڊاڪٽر اليگزينڊروو پاران ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪئي وئي، جتي جناح اسپتال جي پي جي ۽ پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن کي جديد ۽ محفوظ سرجري جي طريقن بابت عملي تربيت ڏني وئي.

ورڪشاپ جي ميزباني دوران اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر شاهد رسول چيو ته  اسان بين الاقوامي ماهرن کي گهرايون ٿا، ته جيئن جديد ٽيڪنيڪون سکي سگهون.

هن جو چوڻ هو ته ليپرواسڪوپڪ سرجري سکڻ کان پوءِ ئي روبوٽڪ سرجري کي سمجهي سگهجي ٿو، ۽ مستقبل جي 20 سالن اندر به روبوٽ انساني سرجن جو متبادل نه ٿي سگهن ٿا.

ڊاڪٽر اليگزينڊروو چيو ته مصنوعي ذهانت ريڊيولوجي ۽ انٽرنل ميڊيسن ۾ انتهائي اثرائتي ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته (AI) سي ٽي اسڪين مان اهي بارڪيون سڃاڻي ٿي جيڪي انساني نظر کان لڪل رهي سگهن ٿيون، هن چيو ته (AI) ميڊيڪل ڊيٽا جي وڏي مقدار کي عمل ڪري نوان نتيجا ۽ تجويزون ڏئي رهي آهي، جيڪي سرجن آپريشن کان اڳ يا پوءِ استعمال ڪري سگهن ٿا.

نيوريارڪ يونيورسٽي (NYU) جي چوتي سال جي ريزينٽ ڊاڪٽر دينا هاني، جيڪا ضياءُالدين يونيورسٽي جو پاس ٿيل شاگرد آهي، هن به پڻ ورڪشاپ ۾ شريڪ ڪئي، هن چيو ته، “ڪراچي ۾ سرجري ٽيم سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو انتهائي حوصلا افزا هو ۽ هتي جي شاگردن ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي.

ورڪشاپ کان پوءِ، پاڪستان سوسائٽي آف ميٽابولڪ اينڊ بياريئٽرڪ سرجري (PSMBS) جي سنڌ چيپٽر جي تقريب ۾ حلف برداري پڻ منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر سورندر داواني ڪئي، جڏهن ته پروفيسر شاهد رسول سوسائٽي جي صدر جي حيثيت سان خطاب ڪيو.

ماهرن جو چوڻ هو ته بياريئٽرڪ سرجري رڳو موٽاپي جي علاج لاءِ نه، پر ان سان لاڳاپيل بيمارين جهڙوڪ شگر، بلڊ پريشر، ڪوليسٽرول، ۽ گھُٽن جي سور تي به قابو آڻي سگهجي ٿو.

سوسائٽي جي واعدي مطابق، ان جو ڪردار رڳو علاج تائين محدود نه هوندو، پر تحقيق، پاليسي سازي، ۽ آگاهي مهيا ڪرڻ لاءِ به سرگرم رهندي ته جيئن پاڪستان ۾ موٽاپي جي وڌندڙ صحت جي بحران تي ضابطو آڻي سگهجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں