48

آمريڪا طرفان غيرقانوني ترسڻ وارن خلاف سخت قدم، ڪجھ ملڪن جي مسافرن لاءِ 15 هزار ڊالر بانڊ لازمي قرار

واشنگٽن: آمريڪا طرفان سياحتي ۽ واپاري ويزا وٺندڙن لاءِ نئين پاليسي تحت ڪجهه ملڪن جي شهري لاءِ 15 هزار ڊالر تائين جي سيڪيورٽي ويزا بانڊ (ضمانت) جمع ڪرائڻ جي شرط لاڳو ڪئي وئي آهي، هي قدم انهن غير ملڪي ماڻهن خلاف کنيو ويو آهي، جيڪي ويزا جي مدي کان پوءِ به ملڪ ۾ غيرقانوني رهائش اختيار ڪن ٿا.

رپورٽ موجب، آمريڪي حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته سفارتي آفيسرن کي اختيار حاصل هوندو ته اهي انهن ملڪن جي ماڻهن تي ويزا بانڊ جي شرط لاڳو ڪن، جتي ويزا ختم ٿيڻ باوجود ملڪ ۾ رهڻ جي شرح تمام گهڻي آهي، نوٽيس ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته هي بانڊ شرط انهن ملڪن جي شهري تي به لاڳو ٿي سگهي ٿي، جتي سڃاڻپ ۽ جانچ جو نظام اڻپورو ۽ غير اثرائتو سمجهيو وڃي ٿو.

صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه دوران غيرقانوني اميگريشن خلاف سخت پاليسيون لاڳو ڪيون ويون، جنهن ۾ سرحدن جي سيڪيورٽي ۾ واڌ ۽ ملڪ اندر غيرقانوني رهندڙ ماڻهن جي گرفتارين ۾ تيزي شامل هئي، ٽرمپ جون سخت ويزا پاليسيون ڪيترن ئي غير ملڪن لاءِ آمريڪا جو سفر مشڪل بڻائي ڇڏيو.

جون مهيني ۾ جاري ڪيل حڪم نامي تحت، 19 ملڪن جي شهري تي مڪمل يا جزوي سفري پابنديون لڳايون ويون، جن ۾ چاڊ، اريٽريا، هيٽي، ميانمار ۽ يمن شامل آهن، جتي ويزا اووراسٽي جي شرح به وڌيڪ آهي.

نئون ويزا پروگرام 20 آگسٽ کان لاڳو ڪيو ويندو، جيڪو هڪ سال تائين جاري رهندو،سفارتي آفيسرن وٽ پنج هزار، ڏهه هزار يا پندرهن هزار ڊالر جي ويزا بانڊ جي ٽن آپشنن مان چونڊ ڪرڻ جو اختيار هوندو، پر عام طور تي 10 هزار ڊالر جو بانڊ وٺڻ جي اميد ڪئي ويندي.

ايسيتائين جو اڳ ۾ به نومبر 2020 ۾ ٽرمپ جي صدارت جي آخري مهينن دوران اهڙو پائلٽ پروگرام شروع ڪيو ويو هو، پر COVID-19 سبب عالمي سفر گهٽ ٿيڻ جي ڪري اها پاليسي مڪمل طور تي لاڳو نه ٿي سگهي.

آمريڪي حڪومت اڃا تائين انهي جو اندازو نه لڳائي سگهي آهي ته هن پاليسي سان ڪيترا ويزا درخواست ڏيندڙ متاثر ٿيندا، آفريڪي ملڪن جهڙوڪ برونڊي، جبيوتي ۽ ٽوگو ۾ به ويزا اووراسٽي جي شرح بلند رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جيئن مالياتي سال 2023 جي ڊيٽا مان ظاهر ٿيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں