91

جنگبندي باوجود 24 ڀارتي ايئرپورٽ بند، 444 اڏامون ملتوي

نئين دهلي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگبندي ٿيڻ جي باوجود 24 ڀارتي ايئرپورٽس اڃان تائين بند آهن. تفصيل موجب ٻنهي ملڪن ۾ جنگبندي جي باوجود 24 ايئرپورٽ جو فلائٽ آپريشن اڄ به غير فعال بڻيل آهي.  سمورا جهاز به هٽايا ويا آهن جڏهن ته اڄ جون 444 اڏامون به ملتوي ٿي چڪيون آهن.

رپورٽ موجب امرتسر، سرينگر، جمون، لداخ، ڌرم شالا، شمله، آدم پور، چندي ڳڙهه سميت مختلف شهرن ۾ اڄ به سموريون اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن.

رپورٽ موجب 7 ڏينهن کان بند سري نگر ايئرپورٽ تان روزاني جون 65 اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن. لداخ جي ليح ڪوشڪ ايئرپورٽ جون اڄ به سموريون 30 اڏامون ملتوي آهن جڏهن ته جمون ايئرپورٽ جون 30 اڏامون ملتوي آهن سمورا جهاز به هٽايا ويا آهن.

انهي کان علاوه ڌرم شاله جون 14، چدريڳڙهه جون اڄ جون سموريون 84 اڏامون، جودهه پور ايئرپورٽ جون 20 اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن. راجڪوٽ، هيراسر ايئرپورٽ جون 20 اڏامون اڄ به ملتوي ۽ گجرات جي بهوج ايئرپورٽ تان به 10 اڏامون ملتوي ڪيون ويون آهن. انهي کان علاوه ڀارت جا ڪيترائي ايئرپورٽ غير فعال بڻيل آهن انهن ايئرپورٽن جون اڄ شيڊول ٿيل فلائٽس به معطل ڪيون ويون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں