340

وڳڻ واسي پنهور برادري جو نيڪ مرد ٽريڪٽر ڊرائيور 50 سالا حاجي حبيب الله پنهور سعودي عرب ۾ اچانڪ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو

وڳڻ واسي پنهور برادري جو نيڪ مرد ٽريڪٽر ڊرائيور 50 سالا حاجي حبيب الله پنهور سعودي عرب ۾ اچانڪ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو جنهن جو تڏو ڳوٺ جعفراڻي ۾ وڇايو ويو مرحوم کي سعودي عرب جي جنت البقيا ۾ دفن ڪيو ويندو ان سلسلي ۾ وارثن ٻڌايو تہ مرڻو تہ هر انسان کي آهي ڀلي پار زيارت ڪرڻ لا۽ ويل هيو پر اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب هو لاڏاڻو ڪري ويو آهي ۽ حقيقي مالڪ سان مليو جنهن کي سعودي حڪومت پاران جنازي جي نماز ادا ڪرڻ بعد جنت البقيا ۾ تدفين ڪئي ويندي جڏھن تہ مرحوم کي 3 پٽن ۽ 2 نياڻين جي اولاد آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں