63

قومي مفاد ان ۾ ئي آهي ته فوري طور شفاف چونڊيون ڪرايون وڃن: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته قومي مفاد ان ۾ ئي آهي ته فوري شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، حقيقي آزادي مارچ جي حوالي سان بيان جاري ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته حقيقي آزادي مارچ ۾ شرڪت لاءِ اسان سڄي قوم کي دعوت ڏئي رهيا آهيون، اها پوري قوم لاءِ هڪ فيصلائتو مرحلو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان هڪ آزاد ۽ خود مختيار قوم بڻجڻ چاهيون ٿا يا ملڪ جي 75 سالا تاريخ کي ورجائڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته هڪ ڀيرو قوم 1947ع ۾ متحد ٿي هڪ فيصلو ڪيو هو ۽ هاڻي ٻيو ڀيرو حقيقي آزادي لاءِ قوم کي نڪرڻو پوندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں