58

بچت بازارن سان عوام کي فائدو ناھي ٿيندو، من پسند ماڻھن کي اين او ملندي آھي:عدالت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورنگي جي ميدانن تي بچت بازارن خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس اظهر رضوي طرفان ريمارڪس ڏنا ويا. عدالت جو چوڻ ھو تھ اين او سي جاري ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي،اُهي رڳو من پسند ماڻهن کي اين او سي جاري ڪندا آهن، بيورو آف سپلاءِ جو وس هلي ته سڄي ڪراچي جي ميدانن تي بچت بازارون لڳرائي ڇڏي، ٻڌڻي دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ڊي سي ڪورنگي جي آفيس بچت بازارون بند ڪرڻ جون حڪم جاري ڪيو آهي، بچت بازارن سان غريب عوام کي فائدو ٿئي ٿو، عدالت درخواستگذار جي وڪيل کي چيو ته بچت بازارن سان عوام کي ڪو فائدو ناهي ٿيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں