81

ايران ۾ پاسداران انقلاب گارڊز جو سينيئر ڪرنل مارجي ويو

تحران (م ڊ) ايران ۾ پاسداران انقلاب گارڊز جي سينيئر ڪرنل کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي. برطانوي ميڊيا موجب ايران جي راڄڌاني تهران ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻن شڪي ماڻهن ڪرنل سيد خدائي کي سندس گهر ٻاهران فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.ميڊيا رپورٽن موجب هن وقت تائين ڪنهن به گروپ قتل جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي ۽ سيڪيورٽي فورسز جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪرنل سيد خدائي جي قتل کي 2020ع ۾ ايٽمي سائنسدان محسن فخرزاده جي قتل کانپوءِ وڏي سيڪيورٽي ناڪامي قرار ڏنو پيو وڃي. ڪرنل سيد خدائي انقلابي گارڊز القدس فورس جو سينيئر ميمبر هو، جيڪو ٻاهرين ملڪن ۾ آپريشنز جي نگراني ڪندو هو. ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪرنل صياد کي ايران جي دشمنن قتل ڪيو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ جا دعويدار ملڪ ان تي خاموش آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں