63

لانگ مارچ لاءِ مناسب وقت ناهي، عمران خان فيصلي تي نظرثاني ڪري: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته لانگ مارچ لاءِ موجوده وقت مناسب ناهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته لانگ مان سان ٻيهر ڪاروبار متاثر ٿيندو، پهريان ئي معيشت ڪمزور آهي، شرجيل ميمڻ چيو ته لانگ مارچ جي ڪري دڪان بند ۽ زندگي متاثر ٿيندي، عمران خان لانگ مارچ واري فيصلي تي نظر ثاني ڪري، هن چيو ته چونڊ سڌارن بعد اليڪشن ضرور ٿيندي، اليڪشن ٿيندي تڏهن به عمران خان نتيجا تسليم نه ڪندو، شرجيل ميمڻ چيو ته 4 حلقن جي نتيجن تي عمران خان تڪرار ڪري چڪو آهي، پي ٽي آءِ آءِ ايم ايف سان معاملا طئه ڪري ڇڏيا هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں