اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نون ڪينالن جي فيصلي سان سنڌ ۾ تمام گهڻا خدشا موجود آهن ۽ انهي حوالي سان گڏيل طور تي فيصلا وٺڻ گهرجن.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪالهه صدر آصف زرداري پارليامينٽ سان هڪ تاريخي خطاب ڪيو، پهريون ڀيرو ڪنهن سويلين صدر اٺون ڀيرو پارليامينٽ کي خطاب ڪيو، صدر آصف زرداري نفرت جي بجاءِ اميد جي ڳالهه ڪئي، هڪ طرف صدر جي تقرير ۽ ٻئي طرف اپوزيشن جو ڪردار اوهان جي سامهون آهي.
هن چيو ته صدر وفاق جو چونڊيل آئيني عهديدار آهي، صدر زرداري پوري قوم جي معاملن جي ڳالهه ڪئي، نون ڪئنال جي فيصلي سان سنڌ ۾ تمام گهڻا خدشا موجود آهن ۽ انهي حوالي سان گڏيل فيصلا وٺڻ گهرجن.
پ پ چيئرمين چيو ته هر اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسان پاڻي جي مسئلي کي اٿاري رهيا آهيون، اهو چوڻ ته پاڻي جي مسئلي تي پيپلز پارٽي خاموش آهي ته اهو ڪوڙ آهي، هي هڪ سنجيده معاملو آهي ۽ سنڌ جي عوام لاءِ زندگي ۽ موت جو ڪيس آهي، جيڪڏهن درياءَ جي ٽيل تي رهندڙن کي اسان پاڻ حق نه ڏينداسين ته اهي پنهنجو ڪيس ڪيئن وڙهندا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئون وزيراعظم طرفان ڏنل ڊنر جي دعوت جو ٿورائتو آهيان اتي به سياست جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون، معيشت جي حوالي سان جيڪي مثبت اشارا اچي رهيا آهن انهي تي به ڳالهيون ٿيون، اسان جا خدشا آهن اهي به وزيراعظم جي سامهون رکيا. اميد آهي ته اسان جو ڳالهين جو سلسلو هلندو رهندو.
پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته ڪڏهن به ناهي ڏٺو ته ڪنهن صوبائي حڪومت کي عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ دلچسپي نه هجي ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردي پکڙجي چڪي آهي پر وزيراعليٰ کي انهي جي پرواهه ئي نه آهي. وفاق جي به ذميواري آهي ته ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردي جي معاملي کي پاڻ ڏسي.