اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ 9 مئي واقعن جي جوابدارن جي ضمانت ملتوي ڪرائڻ واري پنجاب حڪومت جي اپيلن تي هلندڙ هفتي ٿيندڙ ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ 9 ۽ 10 مئي جا هلندڙ ۽ ايندڙ هفتي مقرر سمورا ڪيس ڊي لسٽ ڪري ڇڏيا. وڪيل ذوالفقار نقوي عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته پنجاب حڪومت مون کي 9 مئي ڪيسز ۾ وڪيل مقرر ڪيو آهي سپريم ڪورٽ کان استدعا آهي ته تياري جي لاءِ وقت ڏنو وڃي.
انهي تي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته 9 مئي جا ڪيسز ته سڀاڻي ۽ هڪ ڏينهن کان پوءِ به مقرر آهن، گذريل ٻڌڻي تي ايڊيشنل پراسيڪيوٽر پيش ٿي وقت گهري رهيا آهن، اڄ اوهان وقت گهري رهيا آهيو، ائين نه هلندو، هي ڪو هڪ ڪيس نه آهي پر لڳ ڀڳ 50 اپيلون آهن.
انهي موقعي تي پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته هلندڙ هفتي جا ڪيسز ملتوي ڪري ڇڏيو، ايندڙ هفتي وارن ڪيسز جي تياري ڪري ايندس، انهي تي چيف جسٽس چيو ته ڪجهه اپيلون ڪيس منتقلي بابت به آهن. ڪيس منتقلي جو معاملو ختم ٿي چڪو آهي انهي تي حڪومت کان هدايت وٺي ڇڏيو.