اسلام آباد: منصوبه بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سنڌ جو پاڻي گهٽ ڪرڻ جي ڳالهين ۾ ڪابه سچائي نه آهي. مين اسٽريم کان ٻاهر ناڪام سياستدان پنهنجي سياست کي چمڪائڻ جي لاءِ انهي معاملي کي هوا ڏئي رهيا آهن.
نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي احسن اقبال چيو ته گڏيل طور تي پاڻي جي گهٽتائي جو اثر سمورن صوبن تي پئجي رهيو آهي، پيپلز پارٽي انهي لاءِ اهو مسئلو اٿاري رهي آهي ته سندس صوبي ۾ انهي مسئلي کي تمام گهڻي اهميت ڏني پئي وڃي.
احسن اقبال چيو ته وزيراعظم پيپلز پارٽي کي يقين ڏياري ڇڏيو آهي ته سنڌ جي مفاد خلاف ڪوبه فيصلو نه ڪيو ويندو. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي حوالي سان منفي رپورٽس جي پٺيان پي ٽي آءِ جي هڪ گهري ۽ منظم مهم آهي، دهشتگردي جي واپسي به پي ٽي آءِ جو تحفو آهي جيڪا ٽي ٽي پي کي واپس وٺي آئي.
ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ۾ سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ جو معاملو بهتر طريقي سان حل ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.
وزيراعظم طرفان بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفد جي اعزاز ۾ افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو، ذريعن موجب افطار ڊنر جي موقعي تي سمورن مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ انهي ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته رهجي ويل مسئلن کي گڏيل مشاورت سان حل ڪيو ويندو.