74

ذميوار شهري بڻجي پاڻيءَ جو استعمال گهٽ ڪريو، شيري رحمان جو عوام کي پيغام

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي نائب صدر شيري رحمان چيو آهي ته ذميوار شهري بڻجي پاڻيءَ جو استعمال گهٽ ڪرڻو پوندو، ٽوئٽر تي پيغام جاري ڪندي شيري رحمان چيو ته پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ آهي، اسان کي ذميوار شهري بڻجي پاڻيءَ جو استعمال گهٽ ڪرڻو پوندو، هن چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته پنهنجي آفيسن، فيڪٽرين، زمينن ۽ گهرن ۾ پاڻيءَ جو استعمال گهٽ ڪريون، هن چيو ته پاڻي اسان جو هڪ قومي ذخيرو آهي، ان کي بچائڻ اسان جو قومي فرض آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں