61

جيڪڏهن قرض وڌندو ته جي ڊي پي ۾ به اضافو ٿيندو: شوڪت ترين

اسلام آباد (رپورٽر) اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي الزامن تي ردعمل ڏيندي چيوته هو حواس وڃائي ويٺا آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته معيشت ڪيئن هلائجي.هن چيو ته جيڪڏهن قرض وڌيا ته جي ڊي پي به وڌي آهي، هن آءِ ايم ايف سان واعدو ڪيو آهي ته سبسڊي گهٽ ڪنداسين.شوڪت ترين چيو ته عالمي سطح تي پيٽرول وڌي رهيو آهي پر ان جي باوجود اسان پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي، جڏهن اسان پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ ڪئي ته اسان تي تنقيد ڪندا هئا، هنن جو چوڻ هو ته اسان معيشت کي خراب ڪري ڇڏيو آهي پر انگ اکر مختلف آهن، اسان نوڪريون پيدا ڪيون آهن. ۽ زرعي پيداوار ۾ بهتري آئي،اڳوڻي ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته هو عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪن، آءِ ايم ايف سان واعدو ڪيو هو ته هو پيٽروليم شين جا اگهه وڌائيندو، پيٽرول ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ مهانگو آهي ان ڪري اسان سبسڊي ڏيڻ لاءِ فنڊ مختص ڪيا هئا. شوڪت ترين سوال ڪيو ته هن کان اڳ ماين نه ڏٺي هئي هاڻي ڇو اچي رهي آهي؟ 13 پارٽين جي حڪومت آهي ۽ 2 ناڻي وارا وزير آهن، هنن 10 سالن ۾ ڪجهه نه ڪيو آهي، هنن ٻوڙي ڇڏيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں