59

پاڪستان تحريڪ انصاف لانگ مارچ روڪڻ خلاف عدالت پهچي وئي

اسلام آباد (رپورٽر) پي ٽي آءِ اسلام آباد مارچ کي روڪڻ لاءِ امڪاني قدمن خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته رياست ۽ اُن جا ادارا امپورٽيڊ حڪومت جي خواهش نه، پر آئين تي عمل جا پابند آهن، پُرامن احتجاج خلاف غيرقانوني قدمن کان روڪڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي اسد عمر چيو ته حڪومت جا پهلوان وزير ڌمڪيون ڏيڻ بدران چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جا مشورا ڏين هن چيو ته وائڙائپ جو شڪار حڪمران چونڊن کان ڀڄڻ لاءِ فساد ڪرڻ چاهين ٿا، جمهوريت ۾ طاقت جي زور تي نه، پر عوامي حمايت سان حڪومت ٺاهي ويندي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں