74

عمران خان کي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين: احسن اقبال

اسلام آباد (رپورٽر) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان کي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، عمران خان سوڌو ڪنهن به قانون هٿ ۾ کنيو ته قانون حرڪت ۾ اچي ويندو وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته هڪ مهيني اندر معاشي استحڪام نٿو آڻي سگهجي، عمران خان جي حڪومت آءِ ايم ايف سان عوام دشمن معاهدا ڪري وئي آهي هن چيو ته ڪوشش آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ عوام لاءِ وڌ ۾ وڌ رليف وٺي سگهجي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته عوام تي مهانگائي جو وڌيڪ بار نه وڌو وڃي احسن اقبال وڌيڪ چيو ته عمران خان جي ڪوشش آهي ته ملڪ ڏڦيڙ طرف وڃي، پر اسان کيس ائين ڪنهن به صورت ۾ ٿيڻ نه ڏينداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں