63

تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۽ ڌرڻي کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻين صوبن مان وڏي نفري طلب

اسلام آباد (رپورٽر) تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۽ ڌرڻي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلام آباد انتظاميا ٻين صوبن مان وڏي نفري طلب ڪري ورتي. ذريعن موجب احتجاج ۽ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن جي سيڪيورٽي لاءِ مجموعي طور تي 22 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، پنجاب پوليس جي 8 هزار اهلڪارن سميت ٻي فورس جا ٻه هزار اهلڪار به طلب ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 500 عورت اهلڪار به ڊيوٽي انجام ڏينديون. اسلام آباد انتظاميا ايف سي جي 5 هزار آفيسرن ۽ اهلڪارن کي به طلب ڪيو آهي، رينجرز جي ٻه هزار نفري به گهرائي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ کان پوليس جي ٻه هزار نفري گهري وئي آهي. ذريعن موجب انتظاميا مختلف صوبن مان 100 قيدي وينون به گهرايون آهن، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا 15 هزار شيل به گهرايا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سڀني صوبن جي نفري مڪمل ڪمانڊ سسٽم سميت طلب ڪئي وئي آهي.اسلام آباد انتظاميا پوليس اختيارين جي مشاورت سان تجويزون گهرو وزارت کي موڪلي ڇڏيون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں