68

چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي مينگزين 2022 جي 100 بااثر شخصيتن جي فهرست جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال به شامل آهي، ٽائيم ميگزين هر سال جيان هن سال به مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ دنيا جي 100 بااثر ترين ماڻهن جي فهرست جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ سياستدان، فنڪار ۽ رانديگر به شامل آهن.آمريڪي ميگزين جو چوڻ آهي ته دنيا جي بااثر شخصيتن جي فهرست ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال، يوڪريني صدر ولود مير زيلنيسڪي، چيني صدر شي جن پنگ، روسي صدر ولاديمير پيوٽن، امريڪي صدر جوبائيڊن سميت ٻيا اڳواڻ شامل آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں