68

اتحادي حڪومت پاران ڏکيا فيصلا وٺڻ ۽ مدو پورو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( م ڊ) اتحادي حڪومت پنهنجو آئيني مدو پرو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ميڊيا رپورٽن موب گذريل ڏينهن اتحادين جي ٿيل اجلاس ۾ حڪومت مدو پورو ڪرڻ لاءِ  ڏکيا فيصلا ڪرڻ جو پهه ڪيو .ذريعن موجب اتحادي حڪومت ان حوالي سان ٻڏتر جو شڪار هئي ته ڇا آئيني مدو پرو ڪيو وڃي يا وري وقت ان چونڊن ڏانهن وڃجي، پر گذريل ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ ان ڏس ۾ گڏيل فيصلو ڪيو ويو ته آگسٽ 2023ع تائين آئيني مدو پورو ڪيو ويندو .حڪومتي ذريعن موجب گذريل رات اتحادي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل رابطن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پيٽروليم وارين شين جي اگهن بابت ڏکيا فيصلا ڪرڻا آهن، ڇو جو حڪومت پيٽروليم شيون مهانگن اگهن تي وٺي سستن اگهن ۾ ڏئي رهي آهي.رپورٽن موجب ڪجهه ڏينهن پهريان آصف علي زرداري جي اهم شخصيت سان ملاقات ٿي هئي، اهم شخصيت سان ملاقات کانپوءِ آصف زرداري شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان سان ملاقاتون ڪيون هيون جن ۾ صلاح مشوري کانپوءِ حڪومت جي مدو پورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو .ذريعن موجب اتحادي حڪومت پنهنجي 13 کان 14 ميهنن جو مدو پورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اهو فيصلو به ڪيو ويو آهي ته حڪومت کي پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ لاءِ گورننس کي بهتر ڪرڻو پوندو .رپورٽن موجب اتحادي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته وقت کان اڳ چونڊون نه ڪرايون وينديون ۽ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت ڏکيا معاشي فيصلا ڪندي.ميڊيا رپورٽن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عمران خان اسلام آباد ۾ جلسو ڪري هليو ويندو ته کيس سهولتون فراهم ڪيون وينديون، پر جيڪڏهن عمران خان ڌرڻو هڻي حڪومتي نظام کي مفلوج ڪندو ته کيس قانوني طريقي سان روڪيو ويندو، ڌرڻي سان اسلام آباد ۾ زندگي جو ڪاروهنوار متاثر ٿيندو ته قانون حرڪت ۾ ايندو .رپورٽن موجب ٻه ڏينهن پهريان تائين ن ليگ وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار هئي پر پيپلز پارٽي جو خيال آهي ته وقت کان پهريان چونڊون نه ٿيڻ گهرجن.ن ليگ جو خيال هو جيڪڏهن ڏکيا فيصلا ڪياسين ۽ اتحادي ڇڏي ويا ته چونڊن ۾ وڏو نقصان ٿيندو پر عمران خان جي لانگ مارچ جي اعلان کانپوءِ حڪومتي اتحاد صلاح مشورو ڪيو ۽ فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن ان نموني ماڻهن کي آڻي حڪومت ختم ٿي ته پوءِ غلط روايت قائم ٿيندي تنهنڪري حڪومت ڏکيا فيصلا ڪندي ۽ عمران خان امن امان جو مسئلو پيدا ڪيو ته ان کي قانوني طريقي سان حل ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ هو ته حڪومتي اتحادين جي اجلاس ۾ اهو فيصلو پڻ ڪيو ويو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ پيش رنڊڪن کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن ملڪي معيشت کي درست رستي تي آندو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں