98

پاسداران انقلاب جي ڪرنل جو پلاند وٺنداسين: ايراني صدر ابراهيم رئيسي

تهران (م ڊ)ايراني صدر ابراهيم رئيسي انقلابي گارڊز جي ڪرنل سيد خدائي جي قتل جو بدلو وٺڻ جو عزم ڪيو آهي. ايراني صدر چيو آهي ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪرنل خدائي جي قتل ۾ عالمي عنصر ملوث هئا. رپورٽن مطابق تهران ۾ پاسداران انقلاب جي ڪرنل سيد خدائي کي ٻن موٽرسائيڪل سوارن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.ان حوالي سان ايراني پاسداران انقلاب چيو آهي ته عالمي عنصر قابل مذمت دهشتگردي واري واقعي ۾ ملوث آهن ۽ قتل جي ذميوارن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں