70

عدالت رڳو خدشن تي حڪم جاري نه ٿي ڪري سگهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (رپورٽر) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله لانگ مارچ ۾ شريڪ ڪارڪنن تي ممڪنه تشدد ۽ گرفتارين خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي رمارڪس ڏنا ته عدالت رڳو خوف سبب حڪم جاري نٿي ڪري سگهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ پي ٽي آءِ لانگ مارچ جي ڪارڪنن تي ممڪنه تشدد ۽ گرفتارين خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جو وڪيل علي ظفر ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر چيو ته هي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي جو ڪلاسيڪل ڪيس آهي، پرامن احتجاج آئيني حق آهي پر سڄي ملڪ ۾ گذريل رات کان ڪريڪ ڊائون جاري آهي، ڪرڪ ڊائون جاري آهي.علي ظفر جي دليلن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته ڌرڻو ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ان تي عمل ٿيڻ گهرجي. جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت بلنيٽ آرڊر جاري نٿي ڪري سگهي ڇو ته هتي حساس عمارتون آهن، هتي سفارتخانا آهن، اهڙو حڪم جاري نٿو ڪري سگهجي، عدالت چئي سگهي ٿي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته عدالت رڳو خدشن سبب حڪم جاري نٿي ڪري سگهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں