90

پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ ڪراچي چيمبر وياج جي شرح ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس سود جي شرح ۾ 1.5 سيڪڙو واڌ کي رد ڪري ڇڏيو.ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي صدر وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير کان نوٽيس وٺي وياج جي شرح گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.هڪ بيان ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آءِ) جي صدر چيو ته سود جي شرح ۾ واڌ سان مهانگائي ۾ اضافو ٿيندو ۽ برآمدات سخت متاثر ٿيندي جڏهن ته معيشت تباهه ٿي ويندي.ٻئي طرف پاڪستان بزنس ڪائونسل به وياج جي شرح ۾ واڌ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته شرح سود وڌائڻ سان شين جي مهانگائي کي روڪڻ ۾ مدد ملندي ۽ اسمگلنگ کي فائدو ٿيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں