70

سڄي دنيا ۾ وڌندڙ عدم مساوات کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي: شيري رحمان

ڊيووس (م ڊ) موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير شيري رحمان چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ وڌندڙ عدم مساوات کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي.سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم کي خطاب ڪندي شيري رحمان چيو ته مسئلن جو الزام اميرن تي لڳايو پيو وڃي جيڪي جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ناڪام ويا آهن. پاڪستان جهڙي متنوع ملڪ ۾ پيچيده مسئلن جو حل صرف جمهوريت ۾ آهي.”اسان ماحولياتي تباهي جي ڪناري تي آهيون، ذميواري گڏيل عالمي قيادت تي آهي،“ هن چيو ته موسمياتي تبديلي واري وزير چيو ته موسمياتي بحران سبب ڪمزور طبقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندو. تيل ۽ گيس تي انحصار کي آهستي آهستي ختم ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں