73

ڪراچي ۽ لاهور ۾ پوليس جا پي ٽي آءِ ميمبرن جي گهرن تي ڇاپا، گرفتاريون

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۽ لاهور ۾ پوليس پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبرن جي گهرن تي ڇاپا هنيا آهن.علي زيدي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 8 ۾ سنڌ اسيمبلي ميمبر شهزاد قريشي جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو.ترجمان جو چوڻ هو ته شهزاد قريشي جي گهر تي سادو لباس پهريل اهلڪارن ڇاپو هنيو پر شهزاد قريشي گهر تي موجود نه هو. ٻئي طرف پي ٽي آءِ ميمبر سنڌ اسيمبلي شاهنواز جدون جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو آهي.شاهنواز جدون جي ڀاءُ عبدالرحمان ٻڌايو ته پوليس ڇاپي وقت شاهنواز جدون گهر ۾ نه هو، پوليس مون کي کڻي وئي ۽ پڇا ڳاڇا بعد آزاد ڪيو.پوليس پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر سيف الرحمان کي به سهراب ڳوٺ مان گرفتار ڪري ورتو.لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي نوجوان اڳواڻ حافظ تنوير جي گهر تي به ڇاپو هنيو ويو.پي ٽي آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته ڇاپي وقت حافظ تنوير انصاري گهر ۾ موجود نه هو، جنهن سبب پوليس واپس هلي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں