60

سراج دراني جي ضمانت وار ڪيس، غير حاضري تي وڪيل مٿان ھڪ لک رپيا ڏنڊ

اسلام آباد (رپورٽر) سُپريم ڪورٽ آغا سراج دُراني جي ضمانت واري ڪيس ۾ غيرحاضري تي وڪيل سلمان اڪرم راجا تي هڪ لک رُپيا ڏنڊ لڳائي ڇڏيو آھي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته سلمان اڪرم راجا جا دليل پُڄاڻي تي پهچڻ وارا هئا، هُو پيش ڇو نه ٿيو آهي، معاون وڪيل چيو ته سلمان اڪرم راجا جا دليل تقريبن مڪمل ٿي ويا هئا، جسٽس عائشه ملڪ چيو ته ڪيس جي پُڄاڻي واري مرحلي ۾ وڪيل تبديل ڪرڻ ڪيئن ممڪن آهي،  چيف جسٽس چيو ته آغا سراج دُراني لاتعداد زرعي زمين هجڻ باوجود 1999ع تائين هڪ گهر ٺهرايو، 2008ع کانپوءِ هُن لامحدود ملڪيت ڪيئن ٺاهي؟

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں