86

عمران خان مارچ جي آڙ ۾ گهرو ويڙهه جي سازش ڪري رهيو آهي: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد (م ڊ)وفاقي گهرو وير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان مارچ جي آڙ ۾ ملڪ ۾ گهرو ويڙهه جي سازش ڪري رهيو آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُ الله پوليس اهلڪار ڪمال احمد کي گولي لڳڻ واري واقعي تي ڳالهائيندي چيو ته بيگناهه پوليس اهلڪار جي سيني ۾ لڳل گولي ثبوت آهي ته عمران خان دهشتگرد آهي ۽ ڪمال احمد جو قاتل عمران خان، شيخ رشيد ۽ ان جا حواري آهن، هن چيو ته پوليس تي فائرنگ ثبوت آهي ته هي پرامن احتجاج چاهن ئي نه ٿا، هي خوني مارچ جو اعلان ڪندڙن کان حساب وٺنداسين، هن چيو ته گاريون وسائيندڙن هاڻي گوليون وسائڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، قانون کي هٿ ۾ کنيو ويو ته قانون جواب وٺندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں