67

پاڪستان جي معيشت ۽ عوام کي بچائڻ لاءِ ريڊ لائين لڳائڻ جو وقت اچي ويو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (رپورٽر) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت ۽ عوام کي بچائڻ لاءِ ريڊ لائين لڳائڻ جو وقت اچي ويو آهي.هڪ بيان ۾ سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب لاهور ۾ پوليس اهلڪار تي فائرنگ جي مذمت ڪئي.ان دوران هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ملڪي معيشت ۽ عوام جي تحفظ لاءِ پنهنجي واضح ارادي جو اظهار ڪيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي تباهه ڪرڻ وارن کي وڌيڪ تباهي جي اجازت نه ڏني ويندي، ملڪ جي معاشي خودمختياري بچائڻ لاءِ جنگ ۾ ڪاميابي لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي.مريم اورنگزيب چيو ته ملڪي معيشت ۽ عوام جي حفاظت تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، ان جي رستي ۾ ريڊ لائين ٺاهي وئي آهي، ڪنهن کي به پار ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں