اسلام آباد (رپورٽر) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد پاڻ کي حراسان ڪرڻ خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي، هن داخل ڪرايل درخواست ۾ التجا ڪئي ته مون کي حراسان ڪيو پيو وڃي، عدالت حراسان ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪري، درخواست ۾ سيڪريٽري داخلا، ايف آءِ اي، آءِ جي اسلام آباد، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ ڊي سي اسلام آباد کي ڌر بڻايو ويو آهي، درخواست گذار طرفان ٻڌايو ويو آهي ته رات جو پوليس جي وڏي نفري ڇاپو هنيو هو پر لال حويلي ۾ شيخ رشيد ۽ شيخ راشد شفيق موجود نه هئا.
87