93

ڇاپن ۽ پوليس اهلڪار جي موت جا ذميوار راڻا ثناءُ الله ۽ حمزه شهباز آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ پوليس اهلڪار جي موت جو ذميوار راڻا ثناءُ الله ۽ حمزه شهباز آهي، پي تي آءِ اڳواڻ ٽوئٽ تي بيان جاري ڪندي چيو ته پنجاب ۾ گذريل رات 1100 گهرن تي ڇاپا هنيا ويا، پوليس بغير وارنٽ گهرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارن سان بدتميزي ڪئي ۽ ماڻهن کي تشدد جو نشانو بڻايو، پي ٽي آءِ جي 400 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن ۾ عورتون به شامل آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں