77

وفاقي ڪابينا ۽ بيورو ڪريسي جو نيب کي ختم ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي ڪابينا ۽ اعليٰ بيوروڪريسي قومي احتساب بيورو (نيب) کي ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جيڪو مبينا طور تي بيوروڪريسي کي خوفزده ڪرڻ، سياسي مخالفن کي حراسان ڪرڻ ۽ ڪاروباري برادري کي حراسان لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.ان جي مخالفت ڪندي ڪابينا جي ڪجهه ميمبرن ۽ بيوروڪريٽس نيب آرڊيننس ۾ ترميم جي سفارش ڪئي آهي ته جيئن قانوني ڪارروائي ۾ شفافيت اچي سگهي، نقصان جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ڪابينا جي تازي اجلاس دوران قانون ۽ انصاف واري وزير نشاندهي ڪئي ته قومي احتساب (ترميمي) آرڊيننس 2021 2 جون تي ختم ٿي رهيو آهي ۽ آئين تحت ان ۾ وڌيڪ واڌ نه ٿي ڪري سگهجي.هن چيو ته اهو وقت اچي ويو آهي ته ترميمن جو جائزو ورتو وڃي، ڪابينا ميمبرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته نيب احتساب بدران حراساني جي اوزار طور ڪم ڪيو، هن جيڪو ڪجهه ڪيو اهو انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ توهين جوڳو آهي، جنهن ۾ اهم شخصيتن جي هٿان تذليل جون خبرون به آيون آهن. ڪابينا جي ڪجهه ميمبرن جو موقف هو ته صوبن ۾ اينٽي ڪرپشن ايجنسين ۽ وفاقي سطح تي ايف آءِ اي جي موجودگي ۾ احتسابي اداري جي ضرورت ناهي ان ڪري نيب کي ختم ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں