89

هر حال ۾ اسلام آباد وينداسين، قوم نيوٽرلز ڏانهن واجهائي رهي آهي: عمران خان

پشاور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته عدليا ملڪ جي جمهوريت جو تحفظ نه ڪيو ته ان جي ساک ختم ٿي ويندي، جڏهن ته حڪومت پنهنجي غير قانوني قدمن سان فوج کي تڪراري بڻائي رهي آهي.پي ٽي آءِ لانگ مارچ روڪڻ جي حڪومتي فيصلي تي ردعمل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته ڏوهارين جي ڪابينا اهو غير قانوني فيصلو ڪيو آهي، بلاول ۽ مولانا اسان جي حڪومت ۾ لانگ مارچ ڪيو، اسان روڪڻ ته پري جي ڳالهه پر کين سهولتون ڏنيون، جي ادارن جو امتحان آهي، ادارن ۽ عدليا ملڪ جي جمهوريت جو تحفظ نه ڪيو ته انهن جي ساک ختم ٿي ويندي، ان جو مطلب هوندو هتي جمهوريت ناهي.هن چيو ته نيوٽرلز، ججن کان پڇان ٿو ته ڪهڙي حڪومت اهڙا قدم کڻندي آهي، سڀني لاءِ فيصلائتو وقت آهي، وچ ۾ هجڻ جو مطلب ڏوهارين جي مدد ڪرڻ آهي، سڄي قوم نيوٽرلز ڏانهن واجهائي رهي آهي، ملڪ تباهه ٿيو ته توهان به ذميوار هوندئو، توهان تي به فيصلو ٻڌايو ويندو، جيڪي پاڻ کي نيوٽرل ٿا چون، انهن کي واضح ٿو چوان ته ملڪ جي سلامتي ۽ خود مختياري جو تحفظ ڪن.سندس چوڻ هو ته بدقسمتي سان فاشسٽ حڪومت جي غلط ۽ غير قانوني ڪمن تي عوام جو نزلو فوج ۽ ادارن تي ڪِري رهيو آهي، بيورو ڪريسي ۽ پوليس کي خبردار ٿو ڪيان ته اسان هڪ هڪ کي ڏسي رهيا آهيون، هڪ هڪ جو نالو نوٽ ڪري رهيا آهيون، ڪهڙي بنياد تي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، حمزا شهباز ته وڏو وزير آهي ئي نه، اهو ته سڀاڻي لهي ويندو.عمران خان چيو ته موجوده حڪومت ۽ ڊڪٽيٽرن ۾ ڪو فرق ناهي، فاشسٽ حڪومت گذريل رات اسان جي خلاف ڪارروائيون ڪيون، اسان جو احتجاج پرامن آهي پوءِ ڪارروائيون ڇو؟ منهنجي حياتي کي خطرو آهي پوءِ به نڪري رهيو آهيان، ڏوهارين جي حڪومت کي مڃڻ کان موت بهتر آهي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سڀاڻي خيبر پختونخواهه مان جلوس وٺي اسلام آباد روانو ٿيندس، جيڪو روڪڻ چاهي روڪي ڏيکاري، عوامي سمنڊ کي  ڪير روڪي نٿو سگهي، نه پوليس نه رينجرز، هر حال ۾ اسلام آباد وينداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں