76

حڪومت جو پي ٽي آءِ کي لانگ مارچ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (رپورٽر) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله اعلان ڪيو آهي ته حڪومت لانگ مارچ جي نالي تي فتنو فساد ڦهلائڻ جي ڪنهن به صورت اجازت نه ڏيندي.اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءَ الله چيو ته پي ٽي آءِ جو ڪو لانگ مارچ نه پر هي فتني فساد جو لانگ مارچ آهي.هن چيو ته ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ کي لانگ مارچ جي نالي تي فتنو فساد ڦهلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ويندي، کين روڪيو ويندو، ته جيئن هي پنهنجي گمراهي ۽ قوم کي ورهائڻ واري ايجنڊا کي اڳتي نه وڌائي سهگن، انهن ماڻهن ان کان پهريان به سال 2014ع ۾ اهو سڀ ڪيو هو، هي هاڻي گارين کان گولين تي لهي آيا آهن، لاهور ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو آهي.گهرو وزير چيو ته هونئن ته هي وڏا بهادر لڳا وتندا آهن، پر هاڻي سندس سموري قيادت پشاور ۾ گڏ ٿي آهي، ڪير به پنهنجن گهرن ۾ ناهي، سموري ليڊر شپ ڪي پي ڪي جا سمورا ويسيلا ۽ صوبائي فورسز ساڻ ڪري وفاق تي حملو ڪرڻ اچي رهيا آهن، هي اتان وڏي جٿي جي صورت ۾ سڀاڻي اچڻ چاهن ٿا، اهڙو جٿو جنهن جي ڪا به آئيني حيثيت نه هجي، جيڪو سرڪاري وسيلن کي غير آئيني ۽ غير قانوني طريقي سان وفاق تي حملو ڪرڻ اچي رهيو  هجي ان کي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏينداسين .راڻا ثناءَ الله چيو ته عمراني فتني جي گمراهي جو شڪار ماڻهن کي خبردار ڪريان ٿو ته ان گمراهي مان ٻاهر نڪرن، هي هڪ قومي مسئلو آهي ۽ ملڪ جي بقا جو مسئلو آهي، هي بدنصيت قوم کي ورهائڻ ۽ گمراهه ڪرڻ چاهي ٿو.هن جو چوڻ هو ته پر امن احتجاج ۽ اظهار راءِ سڀني جو حق آهي پر هي پر امن احتجاج ڪرڻ نه پيا اچن، هي ان کان پهريان به پر امن احتجاج جي نالو وٺي آيا هئا پوءِ جيڪو ٿيو اهو سڀني جي سامهون آهي، جيڪڏهن هي احتجاج کي خوني احتجاج جورنگ نه ڏين ها ته اسان سندن رستا روڪ نه ڪيون ها ، انڪري هن فتني کي ان ئي مرحلي تي روڪيو ويندو اها تمام وڏي خدمت هوندي.هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي به رياست جي گادي واري شهر جو گهراءُ ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، اسلام آباد جي شهرين، واپارين جي جان ۽ مال جي ذميواري حڪومت تي آهي، جيڪا هر قيمت تي ادا ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں