93

عمران خان اسٽيبلشمينٽ خلاف لانگ مارچ ڪري رهيو آهي، عدليا گاريل جي حق ۾ فيصلا نه ڏئي: مريم نواز

لاهور (رپورٽر) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان لانگ مارچ حڪومت خلاف نه اسٽيبلشمينٽ خلاف ڪري رهيو آهي، وزيراعظم ۽ گهرو وزير کي چيو آهي ته عمران خان کي اچڻ ڏيو، گرفتار نه ڪيو.پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان چئي ٿو هو مير جعفر ۽ مير صادق کي سڃاڻي ويو آهي، هن اهو اسان کي نه اسٽيبلشمينٽ کي چيو، عمران خان لانگ مارچ حڪومت خلاف نه اسٽيبلشمينٽ خلاف ڪري رهيو آهي.هن چيو هي ڪهڙي آزادي چاهين ٿا؟ عمران خان ڪرسي ۽ فرح گوگي جو نالو آزادي رکيو آهي، عدليا کي وڏي ادب سان اها ڳالهه چوڻ چاهيان ٿي ته اها روايت نه وجهو ته جيڪو شخص سڀني کان وڌيڪ ادارن کي گاريون ڏئي ان جي حق ۾ فيصلا ڏنا وڃن، قوم جي حق ۾ فيصلا ڪيو، ملڪ جي حق ۾ فيصلا ڪيو، سوشل ميڊيا  نه ڏسو، ميڊيا کي نه ڏسو قوم جي مستقبل جي حق ۾ فيصلا ڪيو.سندس چوڻ هو عمران خان قوم جي ٻارن کي ترغيب ڏئي رهيو آهي ته ڏنڊا ۽ مار کائو، آزادي جي تحريڪ آهي ته پنهنجي ٻارن کي آڻيو نه ته اسان جو آزادي جو ڀاشن نٿا مڃون، پنهنجي ٻارن کي لنڊن ۾ ويهاريو اٿوَ، قوم جا ٻار چماٽون کائين، جڏهن نيب جي آفيس ۾ مون تي پٿراءُ ٿيو ته لِڪي نه ويس، ڪارڪنن کي اڳتي نه ڪيو.مريم نواز لاهور ۾ پوليس ڪانسٽيبل جي شهادت جو ذميوار عمران خان کي قرار ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ رڪن سڌي گولي پوليس ڪانسٽيبل تي هلائي، هن ملڪ کي سريلنڪا بڻائڻ جي ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي، پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي مقصدن ۾ شڪ شبهي جي گنجائش ناهي رهي، عمران خان جو لڙڪيل منهن ٻڌائي رهيو آهي ته لانگ مارچ جو غلط فيصلو ڪري ڦاسي ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں