62

لانگ مارچ،فيض آباد،ريڊزون سميت ملڪ جا اهم روڊ رستا بند

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ کي نظر ۾ رکندي انتظاميا فيض آباد انٽرچينج کي سيل ڪري ڇڏيو آهي،پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي روڪڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ ڪنٽينر روڊن تي لڳائي ڇڏيا،رپورٽن مطابق جي ٽي روڊ ۽ موٽر ويز تي رڪاوٽون وجهڻ سبب لاهور ۽ اسلام آباد ويندڙ رستا بند ڪيا ويا، جڏهن ته ڊي چوڪ ۽ فيض آباد انٽرچينج ڏانهن ويندڙ رستا به سيل ڪيا ويا، پوليس، رينجرز ۽ ايف سي بلالي اسلام آباد لاءِ ريڊ زون کي سيل ڪري ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں