79

تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ، پنجاب ۾ ٿيندڙ اڄ جا امتحان ملتوي

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ سبب پيدا ٿيل صورتحال سبب پنجاب جي مختلف شهرن ۾ اڄ ٿيندڙ پيپر ملتوي ڪيا ويا. رپورٽن مطابق اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور تحت ايل ايل بي جا فارم رد ڪيا ويا.اسلاميه يونيورسٽي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ملڪ جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي پيپر ملتوي ڪيو ويو آهي جڏهن ته پيپر جي نئين تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو پر باقي سمورا پيپر شيڊول موجب ٿيندا.ان کانسواءِ گوجرانوالا ۾ اڄ ٿيندڙ ميٽرڪ جا آخري امتحان به ملتوي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته برٽش ڪائونسل راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ اڄ ٿيندڙ او ۽ اي ليول جا امتحان به ملتوي ڪري ڇڏيا آهن. ٻئي طرف لاهور بورڊ جي ترجمان موجب ميٽرڪ اسٽڊي آف پاڪستان جو اڄوڪو پيپر ملتوي ڪيو ويو آهي، پيپر ٻيهر ڪرائڻ جي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.هائير ايجوڪيشن پنجاب موجب منسوخ ٿيل پيپرن جي ايندڙ تاريخ جو اعلان لاڳاپيل بورڊ ڪندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں