81

پوليس پي ٽي آءِ جي سينيٽر اعجاز چوڌري کي گرفتار ڪري ورتو

لاهور (رپورٽر) پي ٽي آءِ سينيٽر اعجاز چوڌري جي گرفتاري جي دعويٰ ڪندي پي ٽي آءِ ترجمان چيو آهي ته پوليس سينيٽر اعجاز چوڌري کي اربع جي صبح ماڊل ٽائون مان گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو.ترجمان جو چوڻ آهي ته ماڊل ٽائون پوليس دروازو ٽوڙي اعجاز چوڌري جي گهر ۾ داخل ٿي ۽ سادن ڪپڙن وارن اهلڪارن اعجاز چوڌري کي گرفتار ڪيو.ٻئي طرف پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي مقامي اڳواڻ راڻا جاويد جي گهر تي به ڇاپو هنيو ويو ۽ پوليس سندس گهر جي تلاشي ورتي پر راڻا جاويد گهر تي موجود نه هئڻ سبب ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.سي سي پي او لاهور موجب پي ٽي آءِ اڳواڻن بازش نيازي ۽ زبير نيازي جي گهرن تي به ڇاپا هنيا ويا، جتان هٿيار هٿ ڪيا ويا پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں