55

پوليس جو پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون، 300 کان وڌيڪ اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار، هٿيار هٿ

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪريڪ ڊائون دوران پي ٽي آءِ جا 300 کان وڌيڪ اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا، لاهور ۾ پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ محمود الرشيد کي گرفتار ڪري ورتو آھي. پي ٽي آءِ ترجمان طرفان سينيٽر اعجاز چوڌري به گرفتار ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، لاهور ۾ شفقت محمود جي گهر تي به ڇاپو ھنيو ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻ هٿ نه آيو،  لاهور پوليس طرفان پي ٽي آءِ اڳواڻ بجاش ۽ زبير نيازي جي گهر مان وڏي تعداد ۾هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي، ٻنهي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل، ان سلسلي ۾ اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته بني گالا ۾ موجود پي ٽي آءِ ڪارڪنن به پاڻ سان گڏ هٿيار رکيا آهن، ملڪ کي تباھي ڏانھن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں