79

حقيقي آزادي مارچ، عمران خان جو اڄ هر صورت ۾ ڊي چوڪ پهچڻ جو اعلان

پشاور (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اڄ هر صورت ۾ ڊي چوڪ اسلام آباد پهچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، صوابي کان پشاور هيلي ڪاپٽر ذريعي پهچندو.عمران خان لانگ مارچ جي مرڪزي جلوس جي اڳواڻي امبار انٽرچينج کان ڪندو، جلوس اسلام آباد ۾ ڪشمير روڊ کان ٿيندو ڊي چوڪ پهچندو، وڊيو پيغام ۾ عمران خان چيو ته اسان تي آمريڪي غلام مسلط ڪيا ويا، جيڪڏهن هاڻي نه ته ايندڙ نسلن کي مسلط ڪيو ويندو. اسان هر صورت ۾ لانگ مارچ ڪنداسين ۽ ڊي چوڪ تي پهچنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں