لاهور (م ڊ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان کي اسلام آباد اچڻ ڏيو، ڏسون ته کيس ڪيترو دم آهي، تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ بابت بيان جاري ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان احتجاج جي آڙ ۾ خوني راند کيڏڻ چاهي ٿو، هنن هٿيار ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل جمع ڪري رکيا آهن، ملڪ کي ڪنهن به صورت سريلنڪا بڻجڻ نه ڏينداسين، پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ مريم نواز چيو ته لاهور ۾ پي ٽي آءِ عهديدارن زبير نيازي ۽ بجاش نيازي جي گاڏين مان هٿيار مليا، هي نام نهاد لانگ مارچ جو بدصورت چهرو آهي، انهن جا ارادا وائکا ٿي چڪا آهن.
68