78

عمران نيازي هن ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ انارڪي چاهي ٿو: حمزه شهباز

لاهور (رپورٽر) پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز چيو آھي تھ عمران نيازي ملڪ ۾ انارڪي چاهي ٿو، هي آزادي نه پر خوني مارچ جي ڀرپور رٿابندي آهي، هڪ سپاهي کي شهيد ڪري 5 ٻارن کي يتيم ۽ رياستي رِٽ کي چئلينج ڪيو ويو، عمران نيازي هن ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ انارڪي چاهي ٿو. جاري بيان ۾ ھن چيو تھ هڪ ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ ۾ اهڙي انارڪي جي رٿابندي ملڪ دشمني برابر آهي،عمران نيازي گهٽين ۽ پاڙن ۾ رت وهائي لاش ڪيرائي اقتدار جا خواب نه ڏس.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں