اسلام آباد: وفاقي سرڪار چيو آھي تھ سياست جي نالي تي دهشتگردي برداشت نه ڪئي ويندي، پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گهرن مان هٿيار ۽ بارود هٿ اچڻ مان ثابت ٿيو ته اهي خوني مارچ چاهين ٿا، عمران خان دهشتگردي تي لهي آيو آهي، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان ڪي پي حڪومت جا وسيلا ۽ مشينري پنهنجي فساد لاءِ استعمال نه ڪري، آئين ۽ قانون تي سختي سان عمل ڪيو ويندو، عمران خان خوني مارچ ملتوي ڪري قانون ۽ امن جو دڳ وٺي، ٻئي پاسي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گهرو ويڙهه واري سازش جي قيادت عمران خان ڪري رهيو آهي، عمران خان هٿيارن جي زور تي اسلام آباد تي قبضو ڪرڻ گهري ٿو، بندوق ۽ بارود ذريعي ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، سياسي سرگرمين ۽ لشڪر ڪشي جي وچ ۾ لائين ڪڍڻي پوندي
86