73

شيخ رشيد خطاب دوران پيرسن شخص کي چماٽ وهائي ڪڍي، وڊيو وائرل

راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد ڪارڪنن سان خطاب ڪندي هڪ پيرسن شخص کي چماٽ وهائي ڪڍي.راولپنڊي ۾ لال حويلي ٻاهران شيخ رشيد جي خطاب جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شيخ رشيد خطاب دوران هڪ پيرسن کي هيٺ نِوڙي چماٽ هڻي رهيو آهي. پنهنجي خطاب ۾ شيخ رشيد چيو ته جيستائين نين چونڊن جو اعلان نٿو ٿئي تحريڪ جاري رهندي.هن پاڪ فوج ۽ عدليا کان ملڪ بچائڻ جي به اپيل ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں