77

ميانوالي ويجھو پاڪ هوائي فوج جو تربيتي جهاز ڪِري تباهه

ميانوالي (م ڊ) ميانوالي ويجھو پاڪ هوائي فوج جو تربيتي جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو.پاڪستان ايئر فورس جي ترجمان موجب پاڪ هوائي فوج جو تربيتي جهاز معمول جي تربيتي مشن دوران ڪِري تباهه ٿيو.ترجمان ٻڌايو ته جهاز ۾ سوار پائليٽ پيراشوٽ ذريعي زمين تي لهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ حادثي جي نتيجي ۾ ڪنهن جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.ترجمان موجب ائير هيڊ ڪوارٽرز واقعي جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ بورڊ آف انڪوائري جوڙي ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں