76

ڪشيمر جي آزادي پسند اڳواڻ ياسين ملڪ کي ڀارتي عدالت عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

نئين دهلي (م ڊ) ڪشيمر جي آزادي پسند اڳواڻ ياسين ملڪ کي ڀارتي عدالت عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي،ڀارتي عدالت ياسين ملڪ کي 19 مئي تي دهشتگردن جي مالي مدد جي ڪيس ۾ ڏوهاري قرار ڏنو هو.ياسين ملڪ نئين دهلي جي تهاڙ جيل ۾ ڪيئي ورهين کان قيد آهي.ڪشميري آزادي پسند اڳواڻ ياسين ملڪ ڀارتي عدالت ۾ بيان ڏيندي چوڻ هو ته گذريل ڪيئي ڏهاڪن کان گانڌي جي اصولن تي عمل ڪري رهيو آهيان. مان خيرات نه وٺندس اوهان کي جيڪا سزا ڏئڻي آهي ڏيو، جڏهن ته مونکي ڪجهه سوالن جا جواب گهرجن جيڪڏهن مان دهشتگرد هئس ته پوءِ ڀارت جا ست وزيراعظم مون سان ملڻ ڪشمير ڇو ايندا رهيا؟هن وڌيڪ چيو ته مان دهشتگرد هئس ته ڪيس دوران مون خلاف چارج شيٽ ڇو نه فائل ڪئي وئي؟ جيڪڏهن مون دهشتگردن جي مالي مدد ڪئي ته وزيراعظم واجپائي جي دور ۾ مونکي پاسپورٽ ڇو جاري ڪيو ويو؟ مان دهشتگرد هئس ته مونکي ڀارت سميت ٻين ملڪن ۾ اهم هنڌن تي ليڪچر ڏيڻ جو موقعو ڇو ڏنو ويو.عدالت ياسين ملڪ جي سوالن کي نظر انداز ڪندي چيو ته انهن ڳالهين جو وقت گذري ويو آهي، عدالت چيو ته اهو ٻڌايو ته اوهان ٻڌايل سزا تي ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو ؟ جنهن تي ياسين ملڪ چيو ته ڪنهن به پرتشدد سرگرمي ۾ منهنجو ملوث هئڻ ثابت ٿي وڃي ته موت جي سزا قبول ڪندس، مان سزا بابت ڪا به خيرات نه گهرندس، پنهنجو فيصلو عدالت تي ڇڏي ڏنو آهي.ياسين ملڪ جو چوڻ هوته ڀارتي ڳجها ادارا ڪنهن به دهشتگرد سرگرمي ۾ منهنجو ملوث هجڻ ثابت ڪن ته سياست ڇڏي ڏيندس.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں