71

سپريم ڪورٽ جو پي ٽي آءِ کي ايڇ نائن جي گرائونڊ ۾ جلسي گاهه فراهم ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (رپورٽر) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان تحريڪ انصاف کي ايڇ نائن جي گرائونڊ ۾ جلسي گاهه فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اهڙو پلان ٺاهيو جو ماڻهو پرامن طريقي سان اچن ۽ احتجاج کانپوءِ گهرن ڏانهن هليا وڃن، ائين نه ٿئي ته جلسي کانپوءِ فيض آباد يا موٽر وي بند ڪيو وڃي.عدالت حڪم ڏنو ته 3 ڪلاڪن ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي لاءِ ايڇ نائن جلسي گاهه ۾ سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا وڃن، حڪومتي ڪميٽي ۽ پي ٽي آءِ ڪميٽي جو اجلاس چيف ڪمشنر آفيس ۾ رات 10 وڳي ڪيو وڃي.سپريم ڪورٽ اهو به واضح ڪيو ته ڪنهن به وقت عدالتي حڪم ۾ تبديلي ڪري سگهجي ٿي ۽ حڪم واپس به وٺي سگهجي ٿو.عدالت حڪم ڏنو ته ڪنهن به سياسي جماعت جي قيادت کي گرفتار نه ڪيو ويندو، گرفتار ڪيل سياسي قيادت ۽ ورڪرز کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ جي يو آءِ جي جلسي لاءِ جيڪو معاهدو ڪيو ويو هو، ان تي موجوده حڪومت به عمل ڪري، معاهدي ۾ نئين شق گڏيل مشاورت سان شامل ڪئي وڃي ۽ عدالت کي به آگاهه ڪيو وڃي.ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت طرفان اٽارني جنرل رنڊڪون ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں