77

اليڪشن جي تاريخ ۽ اسيمبليون ٽٽڻ تائين اسلام آباد ۾ رهنداسين: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اليڪشن جي تاريخ ۽ اسيمبليون ٽٽڻ جي اعلان تائين اسلام آباد ۾ رهنداسين.ميڊيا ذريعي اهڙيون خبرون سامهون آيون هيون ته حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو آهي، جنهن تحت رڳو جلسو ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي.پر سڌ سماءَ واري وفاقي وزير تحريڪ انصاف سان ڪنهن قسم جي معاهدي جي خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو هو ته هٿياربند جٿن سان ڪنهن قسم جي معاهدي جي سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.ان بعد تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان به حڪومت سان معاهدي جي خبرن جي سخت سان ترديد ڪئي هئي.سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيئرمين عمران خان جو چوڻ هو ته اسان اسلام آباد طرف ڌي رهيا آهيون، حڪومت سان ڪنهن قسم جي ڊيل جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.عمران خان چيو ته اليڪشن جي تاريخ ۽ اسيمبليون ٽٽڻ جي اعلان تائين اسلام آباد ۾ رهنداسين، اسلام آباد ۽ روالپنڊي جي سمورن ماڻهن کي چوان ٿو ته اسان سان شامل ٿين.ان کان اڳ اسلام آباد روانگي وقت صوابي انٽر چينج تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان ڊي چوڪ وڃي  رهيا آهيون ۽ ڪير نٿو روڪي سگهي، اسان جو لانگ مارچ پرامن آهي ۽ سڀ رنڊڪون پار ڪري اسلام آباد ڊي چوڪ پهچنداسين.سندس چوڻ هو مان سڄي پاڪستان کي چوان ٿو ته اڄ توهان کي نڪرڻو آهي، ملڪ جي حقيقي آزادي لاءِ اسان جي عورتن، ٻارن، نوجوانن، وڪيلن، رٽائرڊ فوجين کي نڪرڻو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں