55

پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ، پنجاب کان اسلام آباد ويندڙ سمورا رستا سيل، لاهور جنگ جي ميدان ۾ تبديل، گرفتاريون

لاهور (م ڊ) عمران خان جي اڄ ڊي چوڪ کان اسلام آباد پهچڻ واري اعلان کانپوءِ ڊي چوڪ کي چئني پاسن کان ڪنيٽينرز هڻي بند ڪيو ويو.ڊي چوڪ ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا به سيل ڪيا ويا آهن جڏهن ته تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ روڪڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ رستن تي ڪنٽينرز ۽ ٽرڪون بيهاريون ويون آهن.جي ٽي روڊ ۽ موٽرويز تي رنڊڪون هڻي لاهور ۽ پشاور کان اسلام آباد ويندڙ رستا بند ڪيا ويا آهن ۽ وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.فيض آباد انٽرچينج پڻ سيل ڪيو ويو آهي جڏهن ته راولپنڊي کان اسلام آباد ويندڙ رستو به بند ڪرڻ جو امڪان آهي. لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي قافلن طرفان رنڊڪون هٽائڻ تي پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون، بتي چوڪ جنگ جو ميدان بڻجي ويو، قافلن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس جي شيلنگ ۽ لاٺي چارج، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا.لاهور جي ايوان عدل ٻاهران پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪن آمهون سامهون، اهلڪار ۽ ڪارڪن هٿئين پئجي ويا، پي ٽي آءِ جي حامي وڪيلن ۽ ڪارڪنن حراست ۾ ورتل زبير نيازي کي ڇڏائي ورتو.ٻئي پاسي پي ٽي آءِ ڪارڪن رنڊڪون هٽائي راوي پل وڃڻ چاهن ٿا جنهن کي انتظاميا ڪنٽينر هڻي بند ڪري ڇڏيو  جڏهن ته پوليس ڪارڪن کي راوي پل کان اٽڪل سئو ڪلوميٽر پهريان ئي روڪي ورتو آهي. پوليس طرفان قافلن جي اڳواڻي ڪندڙ ڊاڪٽر ياسمين راشد جي گاڏي جو گهيراءُ ڪيو ويو، سندس گاڏي جي ونڊ اسڪرين ٽوڙي وئي، ياسمين راشد گهيرو ٽوڙي نڪري وئي.حڪومت اسلام آباد لاءِ پوليس، رينجرز ۽ ايف سي کي طلب ڪري ورتو آهي ۽ ريڊ زون سيل ڪيو ويو آهي، پنجاب، سنڌ ۽ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پنجن کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.پنجاب حڪومت تحريڪ انصاف جي اڳواڻن محمود الرشيد  ۽ سينيٽر اعجاز چوڌري سميت مختلف شهرن جي مقامي اڳواڻن ۽ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي ايم پي او تحت گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته ٻين اڳواڻن جي گرفتاري لاءِ سندس گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ميٽرو بس سروس بند ڪئي وئي آهي جڏهن ته جاڙن شهرن ۾ اڄ ٿيندڙ امتحاني پرچا پڻ ملتوي ڪيا ويا آهن.راولپنڊي اسلام آباد جي سمورن بس اڏن کي سيل ڪيو ويو آهي ۽ ٽرانسپورٽرز کي گاڏيون روڊن تي نه آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ملڪي سياسي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم ايسوسئيشن اڄ کان تيل جي فراهمي بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته لاهور سميت پنجاب جي 350 کان وڌيڪ هنڌن تي موبائيل فون سروس بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.هواڏنهن ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج جي اعلان کانپوءِ ڪوريڊر ٿري تي پيپلز چورنگي کان پارڪنگ پلازا ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ رستن کي بند ڪيوويو آهي جڏهن ته نمائش چورنگي ڏانهن ويندڙ رستن کي پڻ بند ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں