70

احسن اقبال پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي تصديق ڪري ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ)رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڳالهين جي تصديق ڪري ڇڏي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ قيادت سان ملاقات ٿي آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سان چونڊ سڌارن تي ڳالهين لاءِ تيار آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ احسن اقبال چيو ته عمران خان جڏهن ڌمڪين واري سياست ۾ مصروف هو ته اسان جي پارٽي ۽ اتحادين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اسان صبر ڪريون ۽ پنهنجو مدو پورو ڪريون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں