76

انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ رپئي جو قدر وڌي ويو، ڊالر 2 رپيا سستو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 30 رپيا في ليٽر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. خميس تي واپار دوران ڊالر جي لاٿ جو سلسلو جاري رهيو ۽ واپار جي بند ٿيڻ تي 202 رپيا في پيس تي بند ٿيو. جمعي تي واپار جي شروعات تي انٽر بئنڪ فارن ايڪسچينج تي ڊالر جي قدر ۾ 2 رپيا 200 جي گهٽتائي ٿي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں