64

ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو طوفان، اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 180 رپيا مهانگو

اسلام آباد (رپورٽر) يوٽيلٽي اسٽورز تي سرڪاري اٽي جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽي جي اگهه ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن تحت اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت ۾ 180 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. اگهه ۾ واڌ کانپوءِ اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جو اگهه 800 کان 980 رپيا ٿي ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں