63

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

لاهور (م ڊ) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، درخواست ۾ اوگرا، وفاقي حڪومت سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي، ايڊووڪيٽ اظهر صديق طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حڪومت ڪابينا جي منظوري کانسواءِ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو، درخواست گذار جو وڌيڪ چوڻ آهي ته حڪومتي قدم غير قانوني آهن، درخواست ۾ التجا ڪئي وئي ته عدالت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي ڪالعدم قرار ڏئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں